دل روشن ڪندڙ

دل روشن ڪندڙ

دل روشن ڪندڙ

دل روشن ڪندڙ (ڪتاب): هي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڏيئو مل محبوب راءِ چنديراماڻيءَ جو ترجمو ڪيل ڪهاڻين تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ڪُل 16 ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي سموريون نصيحت ڀريون آهن. هنن آکاڻين ۾ براين کان پاڻ ۽ ٻين کي بچائڻ، اخلاقي قدرن، انسان دوستي، سماجي خدمت، وڏڙن ۽ استادن جي احترام جو سبق ملي ٿو. هي ڪتاب هندستان سرڪار جي 1867ع جي ائڪٽ نمبر 25 تحت رجسٽرڊ ٿيل آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 85 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ مان 1914ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو